رستم ڪي سڌوا

رستم ڪي سڌوا: ڪراچيءَ جي اڳوڻي ميئر، سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ آر. ڪي. سڌوا جو اصل نالو رستم ڪائوسجي سڌوا هو. سندس تعلق پارسي (زرتشتي) مذهب سان هو. هي 5 مئي 1939ع کان 7 مئي 1940ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر، ڪراچي انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر، ايسوسيئيشن پاران ڪيترو عرصو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ميمبر، ميونسپالٽي جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر ۽ چيئرمئن، ڪراچي ڪلب، ڪراچي جيم خانه ۽ هندو جمخانه جو پڻ سرگرم ميمبر رهيو. هن پنهنجي ميئر شپ دوران لياريءَ ۾ قائم اسپينسر آءِ اسپتال (اکين واري اسپتال) جو 14 مارچ 1940ع تي افتتاح ڪيو. هي ڪراچي ميونسپالٽيءَ پاران بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. 8 کان 10 جولاءِ 1921ع تي ڪراچيءَ جي عيدگاهه واري ميدان ۾ محمد علي جوهر جي صدارت هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي آجياڻي ڪاميٽيءَ ۾ آر. ڪي. سڌوا شامل هو. 6 اپريل 1930ع تي ڪراچيءَ جي سٽي ڪورٽ اڳيان ستياگرهه هلچل جو جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مينگهراج ريواچند ڪلا ۽ دتارام پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا ۽ مشهور ڪانگريسي اڳواڻ جيرامداس دولترام ۽ سڌوا سميت 36 ڄڻا زخمي ٿيا ۽ 254 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ آر. ڪي. سڌوا، ڊاڪٽر چوئٿرام، مولانا محمد صادق کڏي وارو، آچاريه گدواڻي، نارائڻداس بيچر، مبارڪ علي، جيرامداس دولترام ۽ ٻيا شامل هئا. ڪراچيءَ ۾ 27 مارچ 1931ع تي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو 45هون اجلاس ٿيو، جنهن جي آجياڻي ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري آر. ڪي. سڌوا ۽ ساراچند لالواڻي هئا.
جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي ته هندو ۽ مسلمان گڏ هئا. ان تحريڪ دوران ٻولين جي آڌار تي صوبا ٺاهڻ واري موقف جي حمايت ڪئي وئي هئي، پر اڳتي هلي هندو مسلم ڇڪتاڻ جي ڪري ڊاڪٽر چوئٿرام، جيرامداس ۽ پروفيسر گهنشام داس ان تحريڪ جي مخالفت ڪئي. جن غير مسلم ڪارڪنن سنڌ جي بمبئيءَ واري تحريڪ جي حمايت ڪئي هئي، تن ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، جمشيد مهتا، ڄيٺمل پرسرام ۽ آر. ڪي. سڌوا شامل هئا. رستم ڪي. سڌوا، 1947ع ڌاري سنڌ ڇڏي هندستان وڃي رهائش پذير ٿيو. جتي هن پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيون. هندستان جي مرڪزي ڪابينا جو وزير به رهيو. سياستدان هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو ليکڪ به هو. هن جا لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب به لکيل آهن، جن مان ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن تي لکيل ڪتاب (The Corporation of the City & Karachi) (1939ع) شايع ٿيل آهي.


لفظ رستم ڪي سڌواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو